خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو

خواجه محمد حسن رح لنواريءَ وارو: لنواريءَ جو هيءُ بزرگ خواجه محمد حسن، خواجه محمد زمان ثانيءَ جو فرزند هو. سندس جنم 5 محرم الحرام 1235 هجري مطابق 24 آڪٽوبر 1819ع ۾ لنواريءَ
(ضلعي بدين) ۾ ٿيو. والد محترم جي وفات وقت سندس ڄمار 11 ورهيه هئي. سندس والد وصال کان اڳ، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي، پنهنجي صاحبزادي کي خلافت جي مسند تي ويهاري، سندس بيعت ڪرڻ لاءِ چيو هو، سڄيءَ جماعت دل ۽ جان سان سندس حڪم جي پوئواري ڪئي هئي. صاحبزادو خواجه محمد حسن ننڍيءَ عمر ۾ علم ڏانهن راغب هو ۽ نماز، روزي جو پابند رهيو. خاص ڪري رمضان جي مهيني ۾ اڪثر عبادت ۽ مراقبي ۾ گذاريندو هو. فجر جي نماز پڙهي، اوطاق ۾ ايندو هو. قرآن پاڪ جي تلاوت ۽ نفلن پڙهڻ کان واندو ٿي، عام مجلس ۾ ويهندو هو. خواجه صاحب جو لنواري درگاهه جي وڏن بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ نقشبندي سلسلي جي تعليم ڏيندو هو.
خواجه محمد حسن حديث، فقھ ۽ تصوف جي تعليم وٺي صاحب علم ۽ فضل ٿيو. سندس ملفوظات ۾ علم ۽ عرفان جا موتي موجود آهن. هو ڪرامتن جو قائل هو ۽ چوندو هو ته ”اسان جي طريقي ۾ ڪرامتن ڪرڻ جي منع آهي.“
خواجه محمد حسن جي حياتيءَ جو ڳچ حصو حرمين شريفين جي زيارتن ۾ گذريو. ڇهه حج ڪيائون. خواجه محمد حسن 7 صفر 1298هه مطابق 9 جنوري 1981ع تي مديني شريف ۾ وفات ڪئي. کين وصيت موجب مرقد قبه اهلبيت ويجهو جنت البقيع ۾ خواجه محمد پارسا جي قبر لڳ دفنايو ويو. کين ٽي فرزند خواجه محمد سعيد، خواجه عبدالقادر ۽ خواجه عبدالرحمان. خواجه محمد حسن پنهنجي وڏي فرزند خواجه محمد سعيد کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي جاءِ نشين مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ والد جي حج تي وڃڻ دوران سڀ ڪم ڪاريون وڏيءَ ڏاهپ ۽ دانائيءَ سان ڪندو هو.
(حوالو: لنواريءَ جا لال: ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1819.10.24  عيسوي

لنواريءَ جو هيءُ بزرگ خواجه محمد حسن، خواجه محمد زمان ثانيءَ جو فرزند هو. سندس جنم 5 محرم الحرام 1235 هجري مطابق 24 آڪٽوبر 1819ع ۾ لنواريءَ (ضلعي بدين) ۾ ٿيو.


1981.01.09  عيسوي

خواجه محمد حسن 7 صفر 1298هه مطابق 9 جنوري 1981ع تي مديني شريف ۾ وفات ڪئي.



مذهبي شخصيت - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خواجه گل حسن پير بادشاهه
حسين شاهه جيلاني
سليمان عليه السلام
خواجه نور الله
عيسو سوائي
انس بن مالڪ رضه
خواجه محڪم الدين سيراني
عبدالله بن ارقم رضه
پير، اصحابي محمد اسماعيل
عبدالله بن عمر رضه
مذهبي شخصيت ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون